سنجر ڀٽيءَ جو دڙو

سنجر ڀٽيءَ جو دڙو (ماڳ): هي قديم ماڳ 600ع کان 700 صدي عيسوي جو آهي. هي ضلعي شھدادڪوٽ، سنجر ڀٽي وايا ڳڙھي خيرو ۾ "27O59'30 ڊگريون اتر ڊگھائي ڦاڪ ۽ 67O57'10" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آھي. ھي ماڳ سنجر ڀٽي ڳوٺ لڳ روڊ جي ڪپ سان آھي. دڙو 150 ميٽر ڊگھو، 100 ميٽر ويڪرو ۽ 7 ميٽر اوچو آھي. دڙي تي ٺڪراٺو سرن جا اڌڙ ۽ ٻيون وٿون ملن ٿيون. ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪونه آھي، پر وٿن کي چڪاسي چئي سگھجي ٿو ته ھي ماڳ 600 قبل مسيح کان 700 صدي عيسوي تائين آباد ھو. هن دڙي ۾ ٻارنهن تيرنھن سو ورھين جي تھذيب دفن آهي. ملسمانن جي اچڻ کان اڳ ڦٽي ويو. ھن ماڳ جي کوٽائي ٿيڻ گھرجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو